لنڊن جي سٽي ايئرپورٽ تي هڪ شڪي ڪيميائي واقعي کانپوءِ ايئرپورٽ کي خالي ڪرائي تلاشي کانپوءِ ءيگر کوليو ويو

London-airport-221016

لنڊن جي سٽي ايئرپورٽ تي هڪ شڪي ڪيميائي واقعي کانپوءِ ايئرپورٽ کي خالي ڪرائي تلاشي کانپوءِ ءيگر کوليو ويو آهي.

لنڊن سٽي ايئرپورٽ کي ان وقت بند ڪري خالي ڪرايو ويو، جڏهن اتي موجود مسافرن پاران ساهه کڻڻ ۾ تڪليف جي شڪايت ڪئي وئي، جنهن بعد 26 ڄڻن کي شروعاتي طبي امداد به ڏني وئي ۽ ٻن ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ايئرپورٽ جي ترجمان موجب هوائي اڏي کي ان وقت خالي ڪرايو ويو، جڏهن هڪ فائر الارم وڳو، جنهن بعد  عمارت ۾ موجود 5 سئو جي لڳ ڀڳ ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو ويو ۽ پوليس توڙي فائر برگيڊ عملي ايئرپورٽ جو مڪمل جائزو وٺڻ بعد ان کي ڪليئر قرار ڏنو.

انتظاميه پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻه ڀيرا ايئرپورٽ جو جائزو ورتو ويو ۽ عمارت اندر موجود هوا کي به تازو ڪرڻ بعد ٽن ڪلاڪن کانپوءِ ايئرپورٽ کوليو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*