ڪراچي ۾ 6 ڏينهن واري پوليو مهم اڄ کان شروع ٿي رهي آهي

PolioKarachi-241016

ڪراچي ۾ 6  ڏينهن واري پوليو مهم اڄ کان شروع ٿي رهي آهي، 22 لک کان وڌيڪ ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئاريا ويندا،وڏي وزير  مراد علي شاهه چيو آهي ته وئڪسين جو رنگ تبديل ڪرڻ سان ناڪاري اثر نه پوندا، ضرورت پوڻ تي مهم جو مدو وڌايو ويندو.

ڪراچي ۾ اڄ پوليو مهم شروع ڪئي پئي وڃي، وڏو وزير مراد علي شاهه ابراهيم حيدري ۾ پوليو مهم جو افتتاح ڪيو.

پوليو مهم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته پوليو مهم دوران 22 لک کان وڌيڪ ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئاريندا.

وڏي وزير چيو ته پوليو کان بچاءَ واري وئڪسين جو رنگ تبديل ڪرڻ سان ڪي به ناڪاري اثر نه پوندا، سندن پهرين ترجيح صحت ۽ تعليم آهي.

وڏي وزير چيو ته ضرورت پوڻ تي پوليو مهم جو مدو وڌايو ويندو، پوليو ٽيمز لاءِ سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*