پاڪستان ۽ ڀارت جي ورڪنگ بائونڊري تي ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ ۽ گولاباري ۾ هڪ ٻارڙي سميت ٻه ڄڻا شهيد ۽ 7 ماڻهو زخمي ٿي پيا

LOC-PAK-India-241016

پاڪستان ۽ ڀارت جي ورڪنگ بائونڊري تي ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ ۽ گولاباري ۾ هڪ ٻارڙي سميت ٻه ڄڻا شهيد  ۽ 7 ماڻهو  زخمي  ٿي پيا  آهن، جڏهن ته پنجاب رينجرز جوابي ڪارروائي ڪري ڀارتي فورسز جي بندوقن کي خاموش ڪرائي ڇڏيو.

آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج هڪ ڀيرو ٻيهر ورڪنگ بائونڊري جي ڀڃڪڙي ڪندي  هرپال، چپراڙ، هرجيت ۽ سجيت ڳڙهه سيڪٽر کي نشانو بڻايو.

ڀارتي فورسز جي بنا جواز فائرنگ جي نتيجي ۾ ڏيڍ سال جي حانيا ۽ شهري محمد لطيف  شهيد ٿي ويا، جڏهن ته  ٻن عورتن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي  اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

آءِ ايس پي آر موجب پنجاب رينجرز ڀارتي فوج جي فائرنگ تي  ڀرپور جوابي  ڪارروائي ڪري دشمن جون بندوقون خاموش ڪرايون.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته زخمين کي طبي امداد لاءِ سي ايم ايڇ منتقل ڪيو ويو آهي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*