وارهه، ڌاٻيجي ۽ شهدادپور ۾ مختلف روڊ حادثن ۽ واقعن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا

Road-Accident-201016

وارهه، ڌاٻيجي ۽ شهدادپور ۾ مختلف روڊ حادثن ۽ واقعن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا.

وارهه ويجهو جابلو پٽي ۾ ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو رزاق ڏنو چانڊيو فوت ٿي ويو ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڌاٻيجي ويجهو 19 ورهين جي شخص جو لاش هٿ آيو، جيڪو پوليس تحويل ۾ وٺي گهارو اسپتال منتقل ڪيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان کي مٿي ۾ زخم آهن، واقعو روڊ حادثي جو ڪارڻ ٿي سگهي ٿو.

شهدادپور ۾ سنهري مسجد وٽ گهر ۾ بجليءَ جي پکي مان ڪرنٽ لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻن ورهين جو ٻارڙو علي قريشي فوت ٿي ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*