پرڏيهي کاتي جي ترجمان نفيس زڪريا ڀارتي فوج پاران ايل او سي جي ڀڃڪڙين جي مذمت

Nafees-Zakria-14-4-16

پرڏيهي کاتي جي ترجمان نفيس زڪريا ڀارتي فوج پاران ايل او سي جي ڀڃڪڙين جي مذمت ڪندي چيو آهي ته لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي جارحيت سان امن لاءِ خطرا جنم وٺي رهيا آهن.

 پرڏيهي ترجمان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ڀارتي فوج پاران رات دير سان  چپڙار ۽ هرپال سيڪٽر تي فائرنگ ۽ شيلنگ ڪئي وئي.

ترجمان چيو ته ڀارت طرفان سيز فائر جي ڀڃڪڙي تي پاڪ فورسز پاران منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو.

نفيس زڪريه چيو ته ڀارتي فورسز سرحد تي شهري آبادي کي نشانو بڻايو، جنهن سان امن لاءِ خطرا جنم وٺي رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*