ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ سيڪورٽي فورسز ڪاررواين دوران ٽن ٽارگيٽ ڪلرز کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو

Karachi-Police-2418-19916

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ سيڪورٽي فورسز ڪاررواين دوران ٽن ٽارگيٽ ڪلرز کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، پوليس مبينا مقابلي دوران هڪ ڪار لفٽر کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان ٽي گاڏيون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

ايس ايس پي ڪورنگي موجب عوامي ڪالوني ۾ قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي اهلڪارن ۽ پوليس سان مقابلي دوران ٽي ٽارگيٽ ڪلر زخمي ٿي پيا، جن کي گرفتار ڪيو ويو.

ايس ايس پي موجب گرفتار ڪيل ٽارگيٽ ڪلرز جي سڃاڻپ ذيشان، عاصم ۽ نعمان طور ٿي آهي، جوابدار سعودآباد ۾ پوليس اهلڪارن جي قتل ڪيسن ۾ گهربل آهن.

گلشن چورنگي ويجهو پوليس مقابلي دوران هڪ ڪار لفٽر کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته سندس ٽي ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

پوليس موجب  گرفتار جوابدار جي قبضي مان 3 گاڏيون هٿ ڪيون ويون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*