لاڙڪاڻي ۾ بي بي آصفه ڊينٽل ڪاليج پي ايم ڊي سي پاران رجسٽر نه ڪرڻ خلاف شاگردن ۽ شاگردياڻين ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجن او پي ڊي به بند ڪرائي ڇڏي آهي

larkana

لاڙڪاڻي ۾ بي بي آصفه ڊينٽل ڪاليج پي ايم ڊي سي پاران رجسٽر نه ڪرڻ خلاف شاگردن ۽ شاگردياڻين ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجن او پي ڊي به بند ڪرائي ڇڏي آهي، پرنسپال پروفيسر محمد الياس شيخ چيو آهي ته ڪاليج جي رجسٽريشن لاءِ هــُو پي ايم ڊي سي جي صدر سان ملاقات لاءِ ويو پر سندس ڳالهه ٻولهه نه ٿي سگهي، ڪاليج جي فيڪلٽي پوري آهي، سندن ڪوشش آهي ته معاملو جلد حل ٿي وڃي.

شاگردن ۽ شاگردياڻين بي بي آصفه ڊينٽل ڪاليج کي رجسٽرڊ نه ڪرڻ خلاف ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري تالابندي ڪرائي ڇڏي آهي ۽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو آهي.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته پي ايم ڊي سي پاران بي بي آصفه ڊينٽل ڪاليج رجسٽر نه ڪرڻ واري معاملي تي انتظاميا ۽ سنڌ سرڪار خاموش بڻيل آهن، جنهن سبب 200 شاگردن ۽ شاگردياڻين جو مستقبل داءُ تي لڳي ويو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته ڪاليج کي پي ايم ڊي سي ۾ رجسٽرڊ ڪرائي شاگردن ۽ شاگردياڻين جو مستقبل بچايو وڃي.

ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر محمد الياس شيخ  ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي  چيو ته  ڪاليج ۾ ڀرتيون سنڌ حڪومت جو  مسئلو آهي، پي ايم ڊي سي جي صدر شبير لهڙي سان ڪاليج جي رجسٽريشن واري معاملي تي ملاقات لاءِ 2 ڪلاڪ انتظار ڪيو پر ڪابه ڳالهه ٻولهه نه ٿي سگهي آهي.

پروفيسر محمد الياس شيخ چيو ته ڪاليج جي فيڪلٽي پوري آهي، هــُو وزيراعليٰ هائوس سان مسلسل رابطي ۾ آهي، سندس پهرين ڪوشش آهي ته ڪاليج کي رجسٽرڊ ڪرايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*