لاهور هاءِ ڪورٽ، تحريڪ انصاف جو ڌرڻو روڪڻ واري واري درخواست تي ٻڌڻي لاءِ فل بينچ قائم ڪري ڇڏي آهي

Lahore-High-Court-19816

لاهور هاءِ ڪورٽ، تحريڪ انصاف جو ڌرڻو روڪڻ واري واري درخواست تي ٻڌڻي لاءِ فل بينچ قائم ڪري ڇڏي آهي، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته عمران خان ٿرڊ امپائر جي ذريعي حڪومت ڪيرائڻ چاهي ٿو، کيس روڪڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

چيف جسٽس، جسٽس منصور علي شاهه لاهور جي عاطف نالي شهري پاران داخل ڪرايل درخواست تي جسٽس شاهد حميد ڊار جي سربراهي ۾ بينچ قائم ڪري ڇڏي آهي، ٻين ججز ۾ جسٽس انوار الحق ۽ جسٽس قاسم خان شامل آهن.

فل بينچ ڌرڻي کي روڪڻ واري درخواست تي 26 آڪٽوبر کان ٻڌڻي شروع ڪندي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته عمران خان 2 نومبر تي اسلام آباد کي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جيڪڏهن ائين ٿيو ته پارليامينٽ، سپريم ڪورٽ ۽ سيڪريٽريٽ سميت سموريون سرڪاري آفيسون بند ٿي وينديون.

درخواستگذار موجب آئين ۾ اظهار جي آزادي جو سڀني کي حق آهي پر ملڪي سالميت کي خطرو نه ٿيڻ گهرجي، عمران خان ٿرڊ امپائر جي ذريعي حڪومت ڪيرائڻ چاهي ٿو.

درخواست  ۾ عدالت کي استدعا ڪئي وئي آهي ته عمران خان کي ڌرڻي کان روڪڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*