لاهور هاءِ ڪورٽ، قومي سلامتي بابت اجلاس جي خبر ليڪ ٿيڻ خلاف درخواست تي وفاقي حڪومت ۽ گهرو وزارت کي نوٽيس جاري ڪندي ٻن هفتن اندر جواب طلب ڪري ورتو آهي

Lahore-High-Court

لاهور هاءِ ڪورٽ، قومي سلامتي بابت اجلاس جي خبر ليڪ ٿيڻ خلاف درخواست تي وفاقي حڪومت ۽ گهرو وزارت کي نوٽيس جاري ڪندي ٻن هفتن اندر جواب طلب ڪري ورتو آهي.

چيف جسٽس، جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي بينچ پيپلزپارٽي جي سينيٽر ۽ اڳوڻي قانون واري وزير بابر اعواڻ جي درخواست تي ٻـُڌڻي ڪئي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته حڪومت قومي سلامتي بابت اعليٰ سطحي اجلاس جي خبر ليڪ ٿيڻ واري معاملي جي جاچ جو اعلان ڪيو آهي، هي اهم معاملو آهي، ان ڪري جاچ کي ڳجهو نه رکيو وڃي.

درخواستگذار موجب خبر ليڪ ڪري پاڪ فوج جي ساک خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن ۾ وفاقي وزير ۽ بيورو ڪريٽ ملوث ٿي سگهن ٿا.

بابر اعواڻ عدالت کي استدعا ڪئي ته قومي سلامتي بابت خبر ليڪ ٿيڻ واري معاملي جي جاچ کليل نموني ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي ۽ جيڪي به ملوث آهن انهن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪري ڪارروائي ڪئي وڃي.

عدالت، وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد وفاقي حڪومت ۽ گهرو وزارت کي نوٽيس جاري ڪندي ٻن هفتن اندر جواب طلب ڪري ورتو………………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*