وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته احتجاج ڪرڻ سڀني جو حق آهي

cm malir

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته احتجاج ڪرڻ سڀني جو حق آهي پر ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ نه کڻ گهرجي، مالياتي ڪميشن نه هئڻ ڪري مڪاني ادارا مالي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جلد ڪميشن جو قيام عمل ۾ آندو ويندو.

ڪراچي ۾ پوليو مهم جي افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پيپلزپارٽي جمهوريت جي قدرن کي برقرار رکڻ چاهي ٿي، کين پنهنجي شهيدن تي فخر آهي، ڪراچي ۾ ڪڍيل ريلي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ هئي، پي ٽي آءِ کي اهڙيون ريليون ڪڍڻ ۾ وقت لڳندو.

هن چيو ته آئين ۾ اظهار جي آزادي ۽ سڀني کي احتجاج جو حق ڏنل آهي پر اهڙو احتجاج نه ڪرڻ گهرجي، جنهن سان شهري اذيت ۾ مبتلا ٿين.

هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته صوبائي مالياتي ڪميشن جي جوڙجڪ ناهي ٿي سگهي، جنهن ڪري مڪاني ادارا مالي مالي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جلد صوبائي مالياتي ڪميشن جو قيام عمل ۾ آندو ويندو.

سيد مراد علي شاهه چيو ته اسپتالن ۾ طبي عملي ۽ ڊاڪٽرز جي کوٽ بابت خاميون ختم ڪرڻ چاهيون ٿا، سڄي صوبي ۾ ڀرتين بابت پابندي ختم ڪئي وئي آهي، 3 کان 6 مهينن ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف جي کوٽ ختم ڪئي ويندي.

وڏي وزير چيو ته پوليو موذي مرض آهي، وفاقي حڪومت سان گڏجي پوليو جو خاتمو چاهيون ٿا، مهم دوران ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ 83 لک ٻاررن کي بچاءَ جا ڦڙا پيئاريا ويندا، جڏهن ته رڳو ڪراچي ۾ 22 لک ٻارڙن کي ڦڙا پيئارڻ جو حدف مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ 46 هزار ورڪرز ڪم ڪري رهيا آهن.

سيد مراد علي شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته ماڻهن جي شڪايت هئي ته پوليو جي ويڪسين صحيح نه آهي، پوليو ويڪسين جو رنگ تبديل ٿيڻ سان فرق نه ٿيندو ۽ هيلڊي هيلٿ ورڪرز کي ٽريننگ ڏني وئي آهي، والدين کي درخواست آهي ته 5 سالن تائين جي ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئارين……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*