پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري پي ٽي آءِ جَي 2 نومبر واري ڌرڻي ۾ شرڪت جو فيصلو ڪري ورتو

Imran-Khan-Tahir-Ul-Qadri-241016

پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري پي ٽي آءِ جَي 2 نومبر واري ڌرڻي ۾ شرڪت جو فيصلو ڪري ورتو، طاهر القادري چيو ته ڌرڻي ۾ سندس جماعت شرڪت ڪندي، باقي هو پاڻ شرڪت ڪندو يا نه، اهو فيصلو اڃا ناهي ڪيو.

شيخ رشيد جي ٽياڪڙي سان طاهر القادري ۽ عمران خان ۾ اختلاف ختم ٿي ويا.

شيخ رشيد سان ملاقات دوران پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان طاهر القادري سان فون تي رابطو ڪري کيس ڌرڻي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، جيڪا هُن قبول ڪري ورتي آهي.

هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي طاهر القادري تصديق ڪئي ته ڌرڻي ۾ سندس پارٽي شرڪت ڪندي، پر هو پاڻ شرڪت ڪندو يا نه اهو فيصلو اڃا ناهي ٿيو.

هن چيو ته هُن پارٽي اڳواڻ خرم نواز گنڊا پور کي ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ تياريون ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

طاهر القادري چيو ته ڪرپٽ ماڻهن خلاف جنگ ۾ هو پوئتي هٽي نه ٿا سگهن ۽ نه ئي ماڊل ٽائون سانحي جي شهيدن جو خون وساري سگهن ٿا.

شيخ رشيد طاهر القادري جا ٿورا مڃيندي چيو ته عوامي تحريڪ جي شرڪت سان سندن تحريڪ وڌيڪ اثرائتي ٿي ويندي.

ياد رهي ته اسلام آباد ۾ ڌرڻي واري فيصلي تي مشاورت نه ڪرڻ سبب طاهر القادري ۽ عمران خان وچ ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا هئا، پر شيخ رشيد نيٺ ٻنهي اڳواڻن جا اختلاف ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*