ويسٽ انڊيز ابوظهبي ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن جي پڄاڻي تائين 4 وڪيٽن جي نقصان تي 171 رنز ٺاهي ورتيون، ميچ کٽڻ لاءِ پاڪستان کي 6 وڪيٽون ۽ ويسٽ انڊيز کي 285 رنز گهربل آهن

Pakistan-Vs-West-Test-2nd--241016

ويسٽ انڊيز ابوظهبي ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن جي پڄاڻي تائين 4 وڪيٽن جي نقصان تي 171 رنز ٺاهي ورتيون، ميچ کٽڻ لاءِ پاڪستان کي 6 وڪيٽون ۽ ويسٽ انڊيز کي 285 رنز گهربل آهن.

پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٽيسٽ سيريز جي ٻي ميچ ابوظهبي ۾ جاري آهي، جنهن جي چوٿين ڏينهن جي راند ختم ٿي وئي.

ويسٽ انڊيز چوٿين جي راند جي پڄاڻي تائين ٻي اننگز ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 171 رنز ٺاهيون، بليڪ ووڊ ۽ روسٽن چيس ڪريز تي موجود رهيا، ڪريگ بريٿويٽ 67 رنز سان نمايان رهيو.

ياسر شاهه 2 وڪيٽون وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، راحت علي ۽ محمد نواز هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.

ان کان اڳ پاڪستان پنهنجي ٻي اننگز ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 227 رنز تي ڊڪليئر ڪئي، جنهن ۾ سميع اسلم، اظهر علي ۽ اسد شفيق جون شاندار ففٽيون به شامل آهن.

ويسٽ انڊيز  171 رنز سان سڀاڻي پنهنجي اننگز اڳتي وڌائيندو، جنهن کي ميچ کٽڻ لاءِ 285 رنز گهربل آهن، جڏهن ته سڀاڻي آخري ڏينهن دوران پاڪستان کي ڪاميابين لاءِ 6 وڪيٽون حاصل ڪرڻيون پونديون.

ميچ کٽڻ جي صورت ۾ پاڪستان ٽن ميچز تي ٽيسٽ سيريز پنهنجي نالي ڪري وٺندو، ياد رهي ته پاڪستان ويسٽ انڊيز کي ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ به وائيٽ واش ڪري چڪو آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*