صوبائي وزير نثار کهڙي عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته عمران خان ٽين ڌر کي موقعو ڏيڻ واري تحريڪ هلائي رهيو آهي

Nisar-Khoro-241016

صوبائي وزير نثار کهڙي عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته عمران خان ٽين ڌر کي موقعو ڏيڻ واري تحريڪ هلائي رهيو آهي، پيپلز پارٽي اهڙي تحريڪ جي حمايت نه ڪندي، نواز ليگ جي حڪومت به ننڍن صوبن کي پنهنجا حق نه ڏئي رهي آهي.

حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نثار کهڙي چيو ته، عمران خان ٽين ڌر جي اچڻ بابت پنهنجي دل جي ڳالهه ڪئي آهي، هو پهرين به ڪنٽينر تان لهي غير سياسي قوتن سان ڳالهائڻ ويو هو.

هن چيو ته، عمران خان جهڙا ماڻهو سدائين آمراڻن قدمن مان خوش ٿيندا آهن، کين پنج سال انتظار ناهي ٿيندو، پر پيپلز پارٽي چاهي ٿي ته ملڪ ۾ جمهوريت هلندي رهي.

نثار کهڙي جو چوڻ هو ته،  حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ نئين ڳالهه نه آهي، پر عمران خان جهڙي تحريڪ هلائي پيو، اهڙيون تحريڪون ٽين ڌر کي موقعو فراه ڪرڻ لاءِ هونديون آهن، جنهن جي پيپلز پارٽي ڪڏهن به حمايت نه ڪندي.

هن چيو ته، 47 ارب ڊالرز واري سي پيڪ منصوبي ۾ سنڌ کي رڳو 5 کان 7 سيڪڙو حصو ڏنو ويو آهي، 2018ع ۾ خبر پئجي ويندي ته نواز شريف جي نيت ۽ عمل ۾ ڪهڙو فرق آهي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*