عمرڪوٽ جي علائقي پٿوري ڀرسان ڳوٺ متارو ساند وٽ هٿياربندن پوليو ٽيم تي حملو ڪري هڪ ورڪر کي زخمي ڪري ڇڏيو

Umerkot-Polio-241016

 عمرڪوٽ جي علائقي پٿوري ڀرسان ڳوٺ متارو ساند وٽ هٿياربندن پوليو ٽيم تي حملو ڪري هڪ ورڪر کي زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال ميرپور خاص منتقل ڪيو ويو آهي، سنڌحڪومت واقعي جو نوٽيس وٺي ضلعي انتظاميا کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

پٿورو پوليس موجب ڳوٺ متارو ساند ۾ پوليو ٽيم پوليو جا ڦڙا پيارڻ جي سلسلي ۾ ڪم ڪري رهي هئي ته هٿياربندن پوليو ٽيم مٿان فائرنگ ڪري ڏني.

پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ پوليو ورڪر گل محمد مرزا زخمي ٿي پيو، جنهن کي رورل هيلٿ سينٽر پٿورو ۾ طبي امداد ڏيڻ بعد ميرپور خاص اسپتال منتقل ڪيو ويو.

زخمي ورڪر جو چوڻ هو ته، هو ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ جي سلسلي ۾ هڪ گهر پهتا ته ڪجهه ماڻهو ٻاهر نڪري آيا ۽ پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

هنن چيو ته، هنن گهر ڀاتين کي ڦڙا پيارڻ تي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني.

واقعي  جي خبر پوڻ تي سنڌ حڪومت نوٽيس وٺي ڊي سي ۽ايس ايس پي عمرڪوٽ کان رپورٽ گهري ورتي آهي.

ٻئي پاسي سنڌ حڪومت جي نوٽيس تي ايس ايس پي ۽ ڊي سي عمرڪوٽ ڳوٺ متارو ساند پهتا،جتي ٻنهي ڪامورن واقعي جي تفصيل ورتا.

ايس ايس پي موجب پوليس جي اچڻ تي جوابدار ڌر جا ماڻهو گهر   خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن، جن کي جلد سوگهو ڪيو ويندو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*