ڪراچي ۾ ڪي ايم سي جي رٽائرڊ ملازم محمد اقبال پينشن نه ملڻ تي سوڪ سينٽر جي 6 هين منزل تان مبينا طور ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو

KMC-Iqbal-Death-241016

ڪراچي ۾ ڪي ايم سي جي رٽائرڊ ملازم محمد اقبال پينشن نه ملڻ تي سوڪ سينٽر جي 6 هين منزل تان مبينا طور ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو، وڏي وزير  مراد علي شاهه معاملي جو نوٽيس وٺندي ڪمشنر ڪراچي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

ڪي ايم سي جي صحت کاتي  جي ملازم محمد اقبال کي 6 مهنين کان پينشن نه ملڻ تي هن سوڪ سينٽر جي 6 هين منزل تان ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو، جنهن جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڪي ايم سي عملدارن ٻڌايو ته محمد اقبال 1999 ۾ رٽائرڊ ٿيو هو ۽ کيس مسلسل پينشن ملي رهي هئي.

وڏي وزير  مراد علي شاهه معاملي جو نوٽيس وٺندي ڪمشنر ڪراچي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

مبينا طور آپگهات ڪندڙ ملازم اقبال جي ڌي جو چوڻ آهي ته سندس پي، کي 3 سالن کان پينشن نه ملي  رهي هئ جنهن سبب هو تمام گهڻا پريشان هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*