تحريڪ انصاف ۾ مشاورت جو ڪو به نظام نه آهي، عمران خان کي ڪلاڪ اڳ ۾ به خبر نه هوندي آهي ته ڇا ڪرڻو آهي،سينيئر سياستدان جاويد هاشمي

Javed-hashmi-241016

سينيئر سياستدان جاويد هاشمي چيو آهي ته تحريڪ انصاف ۾ مشاورت جو ڪو به نظام نه آهي، عمران خان کي ڪلاڪ اڳ ۾ به خبر نه هوندي آهي ته ڇا ڪرڻو آهي، سي پيڪ منصوبي سان عام ماڻهو جي زندگي تبديل ٿي ويندي.

ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جاويد هاشمي چيو ته نواز ليگ سان سندس ڪو به رابطو نه آهي ۽ نه ئي کيس رابطي جو شوق آهي.

جاويد هاشمي چيو ته کيس حڪومت جي پرواهه نه آهي، قوم جي مستقبل جي پرواهه آهي.

سينيئر سياستدان چيو ته تحريڪ انصاف ۾ مشاورت جو ڪو به نظام نه آهي، عمران خان کي هڪ ڪلاڪ اڳ ۾ خبر نه هوندي آهي ته اڳتي ڇا ڪرڻو آهي، اوچتو فيصلا ڪندو آهي.

سي پيڪ بابت سوال جي جواب ۾ جاويد هاشمي چيو ته سي پيڪ منصوبو بهترين آهي، اهو مڪمل ٿيو ته عام ماڻهو جي زندگي تبديل ٿي ويندي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*