پاڪستان ڀارتي شهر امرتسر ۾ ڊسمبر ۾ رٿيل هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Sartaj-aziz-241016

پاڪستان ڀارتي شهر امرتسر ۾ ڊسمبر ۾ رٿيل هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، وزيراعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته طالبان جي وفد سان اسلام آباد ۾ ملاقات ٿي آهي، ڳالهين جا تفصيل هن وقت ٻڌائي نه ٿا سگهجن.

اسلام آباد ۾ لوڪ ورثا ۾ تصويري نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي سرتاج عزيز چيو ته ڀارت گڏيل قومن جي ٺهرائن جي لڳاتار ڀڃڪڙيون ڪري رهيو آهي.

سرتاج عزيز چيو ته گڏيل قومن جي مبصر گروپ کي لائين آف ڪنٽرول جو دورو ڪرائي صورتحال جو جائزو وٺرايو وڃي.

صلاحڪار وڌيڪ چيو ته ڪُل ڀوشن يادَيو بابت ڊوزيئر جي تياري آخري مرحلي ۾ آهي، والاريل ڪشمير جي حوالي سان 8 جولاءِ کان اثرائتي مهم به هلي رهي آهي.

سرتاج عزيز اعلان ڪيو ته پاڪستان هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو، جيڪا ڊسمبر جي پهرين هفتي ۾ ڀارتي شهر امرتسر ۾ ٿيندي.

سرتاج عزيز وڌيڪ چيو ته افغان طالبان جو وفد اسلام آباد آيل آهي، جنهن سان ملاقات ۾ ٿيل ڳالهين بابت في الحال ڪجهه به نه ٿو ٻڌائي سگهجي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*