بچاءُ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته افغانستان ۽ ڀارت دهشتگردي جي واقعن جا فوري الزام لڳائي ڇڏيندا آهن

khuwaja-asif-16716

بچاءُ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته افغانستان ۽ ڀارت دهشتگردي جي واقعن جا فوري الزام لڳائي ڇڏيندا آهن پر هــُو في الحال ڪابه حتمي ڳالهه نه ڪندو، بلوچستان ۾ گذريل مهيني واري واقعي جا پيرا سرحد جي ٻئي پار لڳن ٿا.

نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته ڪوئيٽا پوليس ٽريننگ ڪاليج ۾ دهشتگردي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، في الحال ڪابه حتمي ڳالهه نٿي ڪري سگهجي.

هن چيو ته ڪوئيٽا سول اسپتال سانحي جا پيرا سرحد جي ٻئي پار سان ملن ٿا پر هن واقعي جي جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ وڌيڪ خبر پئجي سگهندي.

خواجا آصف جو چوڻ هو ته آوپريشن ضرب عضب سان دهشتگردي تي ضابطو آڻي ورتو آهي، ايڪڙ ٻيڪڙ واقعا پيش اچي رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*