پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي نوازشريف پاڪستان لاءِ سڪيورٽي رسڪ بڻجي ويو آهي

imran isb ijlas

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو  آهي نوازشريف پاڪستان لاءِ سڪيورٽي رسڪ بڻجي ويو آهي، ڌرڻي لاءِ 2 نومبر واري شيڊول ۾ ڪابه  تبديلي نه ٿيندي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان   چيو ته  وزيراعظم ڪوئيٽا ويل آهي، آئون به وڃي رهيو آهيان، نوازشريف ٻڌائي ته ڪوئيٽا سول اسپتال سانحي تي ڇا ڪيو ويو؟

 هن چيو ته  پاناماليڪس الزام نه پر ڪرپشن جا ثبوت آهن، بچاءَ واري وزير جو ڪم  الزامن جا جواب ڏيڻ هوندو آهي، پر اسان جو بچاءُ وارو وزير اپوزيشن تي ڪرپشن جا الزام پيو لڳائي.

عمران خان چيو ته وزيراعظم ڪلڀوشن ياديو ۽  ڀارتي دهشتگري ۽ مداخلت جو معاملو عالمي فورم تي ڇو نه اٿاريو؟

هن چيو ته  ڀارت فوجي سطح تي ائٽمي پاڪستان کي ختم نٿو ڪري سگهي، اهو  پاڪستان خلاف افراتفري ڦهلائڻ چاهي ٿو.

پي ٽي آءِ سربراهه جو چوڻ هو ته سڪيورٽي ليڪس ڪندڙن جا نالا سامهون ڇو نٿا آندا وڃن؟  سڪيورٽي ليڪس جو ذميوار گورنمينٽ هيڊ وزيراعظم کي هئڻ گهرجي.

 هن چيو ته آرمي چيف چئي چڪو آهي ته ڪرپشن ۽ دهشتگردي جو ڳٺ جوڙ آهي، افغانستان مان مداخلت جو مقصد ان جي پٺيان ڀارت آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*