قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته عمران خان کي احتجاج بابت عقل کان ڪم وٺڻ گهرجي

su khursheed shah

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته عمران خان کي احتجاج بابت عقل کان ڪم وٺڻ گهرجي، فوج آئي ته ذميوار نوازشريف ۽ عمران خان هوندا.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي  پ پ ايم اين اي خورشيد احمد شاهه ڪوئيٽا ۾ پوليس سينٽر تي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته موجوده حالتن جي سڀ کان وڏي ذميوار  حڪومت پاڻ آهي.

هن چيو ته  بلوچستان حڪومت کان پڇيو وڃي ته واقعو ڪيئن پيش آيو، ماضيءَ ۾ اهڙن واقعن کان سبق ڇو نه سکيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*