جوهي برانچ مان نڪرندڙ پهوڙ ۽ پٽوڙو شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف پڇڙي جي آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

johi

جوهي برانچ مان نڪرندڙ پهوڙ ۽ پٽوڙو شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف پڇڙي جي آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

بخشل سولنگي ، مولا بخش لغاري  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آبادگارن دادو،  جوهي روڊ بند ڪري ڌرڻو هڻي آبپاشي عملدارن خلاف نعريبازي ڪئي.

مظاهرين چيو ته پهوڙ ۽ پٽوڙو شاخن ۾ آبپاشي عملي جي ملي ڀڳت سان منڍ جا با اثر آبادگار پاڻي چوري ڪري رهيا آهن جنهن سبب شاخن جي پڇڙي ۾ پاڻي نٿو پهچي.

هنن چيو ته آبپاشي ڪامورا شاخن جي کاٽي ۽ لائيننگ جا پئسا هڙپ ڪري ويا آهن، ڪڻڪ جي پوکي شروع ٿيڻ باوجود پاڻي ناهي مليو آهي، جنهن سبب هزارين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي وئي آهي.

 هنن چيو ته بااثر آبادگار لفٽ مشينون لڳائي واٽر ڪورس ڀڃي پاڻي چوري ڪري رهيا آهن، پر ڪامورا انهن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ تيار ناهن.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته ڪرپٽ عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري شاخن جي پڇڙي تائين پاڻي پهچايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*