دادو ۾ ايف آءِ اي جي ٽيم ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو

dadu-map

دادو ۾ ايف آءِ اي جي ٽيم ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، عملدارن موجب آفيس ۾ ٿيل ڪروڙين رپين جي ڪرپشن بابت جاچ ڪئي پئي وڃي.

ايف آءِ اي جي ٽيم دادو جي ڊسٽرڪٽ ڪائونٽس آفيس تي پاپو هڻي گذريل ڪجهه سالن جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

ايف آءِ اي ٽيم جو چوڻ آهي ته دادو جي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي، جنهن بابت جاچ ڪئي پئي وڃي.

ايف آءِ اي عملدارن جو چوڻ هو ته جاچ مڪمل ڪرڻ ڪرڻ کانپوءِ ڪرپشن ۾ ملوث عملدارن خلاف قانون مطابق ڪارروائي ڪئي ويندي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*