ڪوئيٽا ۾ پوليس ٽريننگ ڪاليج تي دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿي ويل ڪئپٽن سيمت 61 تربيتي اهلڪارن

qetta

ڪوئيٽا ۾ پوليس ٽريننگ ڪاليج تي دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿي ويل ڪئپٽن سيمت 61 تربيتي اهلڪارن جا لاش پوليس لائين ۾ جنازي نماز  ادا  ڪرڻ بعد تدفين لاءِ اباڻن شهرن ڏانهن نيا ويا آهن. جڏهن ته 116 زخمين جو مختلف اسپتالن ۾ علاج جاري آهي.

ڪوئيٽا ۾ گذريل رات سرياب روڊ تي پوليس ٽريننگ ڪاليج تي دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿي ويل 61 تربيتي اهلڪارن جي جنازي نماز  پوليس لائين ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾  آرمي چيف جنرل راحيل شريف، وڏي وزير ثناءُ الله زهري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

 جنازي نماز بعد شهيد اهلڪار جا مڙهه جا  مڙهه اباڻن شهرن ڏانهن منتقل ڪيا ويا، جتي سندن تدفين ڪئي پئي وڃي.

شهيد ٿيلن جو تعلق ڪوئيٽا،  پنجگور، قلعه عبدالله، لورالائي، پشين، زيارت ۽ ٻين شهرن سان آهي.

ٽريننگ ڪاليج تي دهشتگردن جي حملي ۾ زخمي ٿيل هڪ سئو 16 کان وڌيڪ اهلڪارن جو سول اسپتال سميت شهر جي مختلف اسپتالن ۾ علاج جاري آهي، جن مان ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.جڏهن ته بلوچستان حڪومت 3 ڏينهن سوڳ مهائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*