وزيراعظم نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف سول اسپتال ڪوئيٽا پهچي پوليس ٽريننگ سينٽر

queeta pm and army

وزيراعظم نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف  سول اسپتال ڪوئيٽا پهچي پوليس ٽريننگ سينٽر تي دهشتگردن جي حملي ۾ زخمي ٿيل اهلڪارن جي عيادت ڪئي، ان دوران اسپتال انتظاميا کي زخمين جو مڪمل علاج ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

 وزيراعظم نواز شريف، گهرو وزير چوڌري نثار ۽ قومي سلامتي بابت صلاحڪار ناصر جنجوعا سان گڏ اسلام آباد کان ڪوئيٽا پهتو.

وزيراعظم نواز شريف ڪوئيٽا پهچڻ کان پوءِ آرمي چيف سان گڏجي ڪوئٽا اسپتال پهتو، جتي ٻنهي سربراهن زخمي پوليس اهلڪارن جي عيادت ڪئي، ان دوران اسپتال انتظاميا کي زخمين جي بهتر علاج جي پڻ هدايت ڪئي وئي.

وزيراعظم نواز شريف ڪوئٽا جي گورنر هائوس ۾ امن امان جي حوالي سان اعلي ٰ سطحي اجلاس جي صدارت پڻ ڪندو، جنهن ۾ ڪوئيٽا پوليس ٽريننگ سينٽر تي حملي کان پوءِ واري صورتحال، دهشتگردن خلاف ڪارروائي  ۽  مستقل امن لاءِ حڪمت عملي جوڙي ويندي.

 ان کان اڳ  آرمي چيف جنرل راحيل شريف دهشتگردن جي حملي سبب متاثر  پوليس ٽريننگ ڪاليج جو دورو ڪري حملي ۽ فورسز جي آپريشن بابت تفصيل معلوم ڪيا، ان دوران ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ ڊي جي ايم آءِ به آرمي چيف سان گڏ هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*