ٻيلي کاتي جي ڪنزرويٽر جي گرفتاري خلاف ملازمن پاران مختلف شهرن ۾ آفيسون بند ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا

ٻيلي کاتي جي ڪنزرويٽر آفيسر جي گرفتاري خلاف ٻيلي کاتي جي ملازمن پاران مختلف شهرن ۾ آفيسون بند ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن.

ٻيلي کاتي جي ڪنزرويٽر آفيسر رياض وڳڻ جي گرفتاري خلاف ٻيلي کاتي جي ملازمن حيدرآباد، سکر ۽ نوابشاهه سميت مختلف شهرن ۾ ڪم آفيسن جي تالابندي ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا آهن.

ڪنزرويٽر آفيسر جي گرفتاري خلاف ملازمن پاران حيدرآباد ۾ شهباز بلڊنگ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

سکر ۾ به ٻيلي کاتي جي ملازمن پاران ڪنزرويٽر آفيسر جي گرفتاري خلاف آفيسون بند ڪري پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڪنزرويٽر آفيسر جي گرفتاري خلاف نوابشاهه ۾ به ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاجي ڪندڙن چيو ته ڪنزرويٽر آفيسر رياض وڳڻ کي سازش تحت گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن جي پويان بااثر شخصيتون ملوث آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته ڪنزرويٽر آفيسر کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*