جوهي جي هاءِ اسڪول ۾ اوباش نوجوانن پاران اسڪولي شاگردن کي مارڪٽ ۽ هراسان ڪرڻ خلاف شهر

johi school

جوهي جي هاءِ اسڪول ۾ اوباش نوجوانن پاران اسڪولي شاگردن کي مارڪٽ ۽ هراسان ڪرڻ خلاف شهر جي سياسي سماجي تنظيمن ۽ شهرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

 امين وگهيو، ڪامريڊ يونس سولنگي، شهمير گاڏهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهرين دادو روڊ تي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو.

مظاهرين چيو ته اسڪول اندر اوباش نوجوانن شريف شاگردن لاءِ رڻ ٻاري ڏنو آهي ۽ مختلف طريقن سان تنگ ڪري بليڪ ميل ڪري رهيا آهن.

هنن چيو ته استادن جي موجودگي ۾ شاگردن کي ڪلاسن اندر مارڪٽ ڪرڻ جا واقعا ٿيا آهن، پر اسڪول انتظاميه خاموش تماشائي بڻيل آهي.

هنن چيو ته اهڙن واقعن خلاف هيڊ ماستر امام بخش کوسو سميت سموري اسڪول انتظاميه کي نه رڳو شڪايت ڪئي پر اسڪول اندر اوباش ماڻهن جي مداخلت توڙي ڪيترن ئي شاگردن سان جنسي ۽ جسماني طور حراسان ڪرڻ بابت شڪايتون ڪيون آهن، پر ڪوبه تدارڪ نٿو ڪيو وڃي.

هنن مطالبو ڪيو ته اسڪول انتظاميه جي نااهلي جو نوٽيس وٺي هيڊ ماستر کي هتايو وڃي، ۽ اوباش جوانن کي گرفتار ڪري تدريسي عمل متاثر ٿيڻ کان بچايو وڃي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*