ڪراچي جي احتساب عدالت اسٽاڪ مارڪيٽ شيئرز ۾ ماڻهن سان فراڊ ڪرڻ واري ڪيس

ATC-Karachi-171016

ڪراچي جي احتساب عدالت اسٽاڪ مارڪيٽ شيئرز ۾ ماڻهن سان فراڊ ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ٽن جوابدارن جون پلي بارگين واريون اپيلون رد ڪري ڇڏيون، ايندڙ ٻڌڻيءَ تي جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو.

احتساب عدالت ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ شيئرز ۾ فراڊ واري ڪيس ۾ نجي ڪمپني جي ٽن ڊائريڪٽرز هارون اقبال، عبدالمناف ۽ اقبال اسماعيل جي پلي بارگين واري اپيل تي ٻڌڻي ٿي.

عدالت پلي بارگين واري اپيل رد ڪندي چيو آهي ته جوابدارن مٿان 10 نومبر تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو.

جوابدارن مٿان اسٽاڪ مارڪيٽ جي شيئرز ذريعي ماڻهن سان ٺڳي ڪري 409 ملين رپين کان وڌيڪ ڪرپشن جو الزام آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*