عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي چيو آهي ته هو سي پيڪ خلاف نه آهن

asfand yar wali

عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي چيو آهي ته هو سي پيڪ  خلاف نه آهن، ملڪ جي ڏيهي ۽ پرڏيهي پاليسيز جو ٻيهر جائزو ورتو وڃي.

ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي  پوليس ٽريننگ ڪاليج تي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو واقعو دردناڪ آهي، اهڙو واقعو اندروني مدد کانسواءِ ممڪن نه آهي.

هن چيو ته هتي سڀ ڪو سياست چمڪائڻ ۾ پورو آهي، جوانن کي 10 ڏينهن موڪل ڏئي 5 ڏينهن ۾ ڇو واپس گهرايو ويو؟

هن چيو ته وزيراعظم راهداري منصوبي جي اولهه روٽ بابت واعدو پاڙي، راهداري منصوبو خطي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*