سڌ سماءُ واري صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊئَي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي ڌرڻن کان اڳ دهشتگردي جي واقعن بابت عمران خان جا سوال

mola baksh

سڌ سماءُ واري صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊئَي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي ڌرڻن کان اڳ دهشتگردي جي واقعن بابت عمران خان جا سوال شڪ شبها پيدا ڪري رهيا آهن، ڪوئيٽا سانحو حڪومت جي غفلت آهي پر نواز ليگ کي ڪير به چوڻ وارو ناهي.

سڌ سماءُ واري صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊئَي پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ڪوئيٽا جهڙو واقعو سنڌ اندر ٿئي ها ته سڀئي گورنر راڄ قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪن ها.

هن چيو ته ڪوئيٽا ۾ پوليس ٽريننگ ڪاليج ۾ دهشتگردي جو واقعو صوبائي حڪومت جي غفلت سبب پيش آيو پر نواز ليگ کي ڪير به چوڻ وارو نه آهي.

مولابخش چانڊئَي چيو ته پي ٽي آءِ جي ڌرڻن کان اڳ دهشتگردن وارن واقعن تي عمران خان جي سوال ڪيترائي شڪ شبها پيدا ڪري ڇڏيا آهن.

صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊئَي چيو ته نواز ليگ جي ڪجهه وزيرن کانسواءِ اڪثريت چاهي ٿي ته نواز شريف وزيراعظم نه رهي، جڏهن ته عمران خان تڪڙ ڪئي ته سندس پارٽي به قاف ليگ بڻجي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*