سنڌ هاءِ ڪورٽ دهشتگردن جي علاج واري ڪيس ۾ ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين جي ضمانت واري درخواست

Dr-Asim-10916

سنڌ هاءِ ڪورٽ دهشتگردن جي علاج واري ڪيس ۾ ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي لاءِ 2 رڪني خاص بئنچ جوڙي ڇڏي، ساڳئي درخواست تي 4 بئنچون اڳ ئي ٻڌڻي کان انڪار ڪري چڪيون آهن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس سجاد علي شاهه، دهشتگردن جي علاج واري ڪيس ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين، انيس قائمخاني ۽ رئوف صديقي سميت ٻين جي ضمانت واري درخواست تي خاص بئنچ جوڙي ڇڏي آهي.

جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس عبدالمالڪ تي ٻڌل بئنچ جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي 28 آڪٽوبر تي ٻڌڻي ڪندي.

جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اڳ ئي رد ڪري چڪي آهي، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جون 4 بئنچون به ساڳي درخواست تي ٻڌڻي کان انڪار ڪري چڪيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*