تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان 2 نومبر کان اڳ وڏا سياسي ڌماڪا ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي

imran isb

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان 2 نومبر کان اڳ وڏا سياسي ڌماڪا ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته  10لک ماڻهو اسلام آباد آيا ته پاڻمرادو لاڪ ڊائون ٿي ويندو، شهباز شريف ڪهڙي حيثيت سان چين ۾ وڃي معاهدا ڪيا، سندس فرنٽ مين جاويد صادق 4 منصوبن تي 26 ارب 55 ڪروڙ جي ڪرپشن ڪري چڪو آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ۽ هاءِڪورٽ بار کي خطاب ڪندي عمران خان چيو آهي ته شهباز شريف چيو هو ڪرپشن ثابت ڪريو ته سياست ڇڏي ڏيندس، ماڻهو اسان وٽ اچي حڪمرانن جي ڪرپشن جا ثبوت ڏئي رهيا آهن.

  عمران خان چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت جي لاءِصاف شفاف چونڊ انتهائي ضروري آهي، حڪومت کي ڪرپشن بابت هر صورت ۾ جواب ڏيڻو پوندو.

هن چيو ته  احتساب ۽ جمهوريت ساڳي ڳالهه آهي، انصاف وٺڻ لاءِ پارليامينٽ، عدليا سميت هر هنڌ وڃي چڪو آهيان .

 عمران خان چيو ته پاناماليڪس ۾ مريم نواز جون آف شور ڪمپنيون ظاهر ٿيون ، نوازشريف چيو هو  ته 2006 ۾ فليٽ خريد ڪيا ويا.

عمران خان چيو ته  سيڙپڪاري وقت شهباز شريف جاويد صادق کي اڳتي آڻيندو هو،  جاويد صادق  کي 4 منصوبن ۾ 26 ارب 55 ڪروڙ رپيا ڪميشن ملڻي آهي، هو هيل تائين 15 ارب رپيا ڪرپشن وٺي چڪو آهي، هن سکر موٽروي تي 15 ارب رپيا ڪميشن طور ورتا.

  عمران خان اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه کي ڊبل شاهه جو لقب ڏيندي چيو ته خورشيد شاهه ۽ وزيراعظم نيب جي چيئرمين کي مقرر ڪيو.

هن چيو ته جڏهن نيب ۾ ڪرپشن هوندي ته ملڪ تباهه ٿي ويندو، ان ڪري هو آواز اٿاري رهيو آهي.

عمران خان چيو ته عدليا آزادي هوندي ته ڪرپشن خلاف شفاف جاچ ڪري سگهندي،

جمهوريت کي پٽڙيءَ تان لاهڻ کانسواءِ ڪرپشن خلاف شفاف جاچ چاهيون ٿا.

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو ته  ملڪ ۾ جمهوريت نه پر بادشاهت قائم آهي، 2 نومبر تي حڪومتي ٽيم سان ميچ ٿيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*