سپريم ڪورٽ نيب اختيارن بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي ڄاڻايو ويو آهي

nab supreme

سپريم ڪورٽ نيب اختيارن بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي ڄاڻايو ويو آهي ته  رقم جي رضاڪاراڻي واپسي سان ڪرپشن کي هٿي ملي آهي

 سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ چيو آهي ته  نيب چيئرمين رقم جي رضاڪاراڻي واپسي وارو اختيار  غلط استعمال ڪيو، رضاڪاراڻي طور تي  واپس ڪيل رقم نيب آفيسرن ۾ انعام طور ورهائي وئي

سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته    نيب چيئرمين کي اختيار ملڻ سان هڪ پاسي ڪرپشن کي هٿي ملي ۽ ٻئي پاسي ايف آءِ اي جو اختيار کسجي ويو.

فيصلي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته رپورٽس موجب پورٽس موجب وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن به ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي، نيب ڪرپشن جي رقم واپس ڪري ڪيس مان آجو ٿيڻ جو مشورو ڏئي ٿي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*