پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان نوازشريف کي ناڪام ڪرڻ

Rana-sanaullah-30816

پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله  چيو آهي ته عمران خان نوازشريف کي ناڪام ڪرڻ لاءِ راهداري منصوبي کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، هو جاويد صادق ڪو ڪامورو ٿي سگهي ٿو هو کيس نه ٿو سڃاڻي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان ذهني توازن وڃائي ويٺو آهي، کيس علاج ڪرائڻ گهرجي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ جو احتجاج ناچ گاني کان شروع ٿي گارين تي ختم ٿيندو آهي، ملڪ ۾ ڪنهن کي به انتشار پکيڙڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته جاويد صادق کي نٿو سڃاڻي اهو ڪو  بيوروڪريٽ ٿي سگهي ٿو.

قانون واري وزير جو چوڻ هو ته جاويد صادق وٽ نه ڪو سرڪاري عهدو آهي نه ئي ادارو، حڪومتي معاملن ۾ به جاويد صادق جو ڪو ڪردا ر ناهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*