درٻيلو شهر جي مختلف علائقن جي هڪ مهيني کان بجلي بند هجڻ خلاف رهواسين شٽربند هڙتال ڪري ڪنڊيارو

thudran

درٻيلو شهر جي مختلف علائقن جي هڪ مهيني کان بجلي بند هجڻ خلاف رهواسين شٽربند هڙتال ڪري ڪنڊيارو _ ٺاروشاهه روڊ تي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٻن ڪلاڪن تائين ٽريفڪ بند رهي.

سيپڪو اختيارين پاران درٻيلو شهر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جي رهتون ڄاڻائي بجلي ڪاٽڻ خلاف درٻيلو شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪري ڪاروبار بند رکيو ويو، رهواسين هوت خان مڱريو، بشير راجپوت، نظير انصاري، جاويد سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رلي ڪڍي ٺاروشاهه روڊ تي ڌرڻو هنيو.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته سيپڪو اختيارين رهتون ڄاڻائي شهر سميت ڀرپاسي جي ڪيترن ئي ڳوٺن جي بجلي ڪاٽي ڇڏي آهي.

هنن چيو ته ڪجهه ماڻهن پاران بل ادا نه ڪرڻ تي سيپڪو اختيارين سمورن ڳوٺن ۽ شهر جي رهائشي علائقن جي بجلي ڪاٽي رهواسين سان ظلم ڪيو آهي.

هنن چيو ته سيپڪو اختياريون بااثر باقيدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران بل ادا ڪندڙن جي به بجلي ڪاٽي ڇڏين ٿا پر بااثر باقيدارن ۽ بجلي چورن خلاف قدم نه پيو کنيو وڃي.

احتجاج ڪندڙ درٻيلو شهر ۽ ڀرپاسي جي مختلف ڳوٺن جي رهواسين مطالبو ڪيو ته سندن بجلي فوري طور تي بحال ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*