يورپي ملڪن ۾ توهين آميز خاڪا جاري ڪيا ويا جنهن سان مسلمانن جي دل آزاري ٿي رهي آهي خورشيد شاهه

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾  اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه توهين آميز خاڪن جي مذمت ڪندي انهن خلاف ٺهراءُ پاس ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته ڪارڪنن جي قتل خلاف ايم ڪيو ايم ميمبرز اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيو آهي.

قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر جي صدارت هيٺ جاري آهي، جنهن ۾ يورپي ملڪن ۾ توهين آميز خاڪا جاري ٿيڻ ۽ ٻين معاملن تي بحث جاري آهي.

اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته يورپي ملڪن ۾ توهين آميز خاڪا جاري ڪيا ويندا آهن، جنهن مسلمانن جي دل آزاري ٿي رهي آهي.

هن چيو ته توهين آميز خاڪا جاري ٿيڻ جي هو سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا، توهين آميز خاڪا جاري ٿيڻ خلاف ٺهراءُ منظور ڪيو وڃي.

جمشيد دشتي جو چوڻ هو ته مسلمان نوجوانن جي هڪ فورس ٺاهي يورپي ملڪن ڏانهن اماڻي وڃي، جيڪا خاڪا جاري ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري.

غوث بخش مهر جو چوڻ هو ته توهين آميز خاڪا جاري ٿيڻ جو يورپي کان پڇاڻو ڪيو وڃي، اهڙو عمل سان مسلمانن جا جزبا مجرو ٿي رهيا آهن.

اجلاس دوران ايم ڪيو ايم ميبرز ڪارڪنن جي قتل خلاف احتجاج ڪيو، جنهن بعد ڊپٽي اسپيڪر ميمبرز کي ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو.

ڊپٽي اسپيڪر جي اهڙي رويي خلاف ايم ڪيو ايم ميمبرز فاروق ستار، بابر غوري ۽ ٻيان اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*