راڻيپور جي شاهي بازار ۾ دڪانن جي ڇپرن کي لڳل باهه تي واپارين پنهنجي مدد پاڻ تحت ضابطو آڻي ورتو

ranipur fire

راڻيپور جي شاهي بازار ۾ دڪانن جي ڇپرن کي لڳل باهه تي واپارين پنهنجي مدد پاڻ تحت ضابطو آڻي ورتو، دڪاندارن جو چوڻ آهي ته فائر برگيڊ نه پهچڻ ڪري سندن وڏو نقصان ٿيو آهي.

راڻيپور جي شاهي بازار ۾ بجلي جي شارڪٽ سرڪٽ مان لڳل باهه ڪيترن ئي دڪانن  آڏو قائم ڪيل ڇپرن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو.

اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهچڻ ڪري واپارين پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ باهه ضابطو آڻي ورتو.

دڪاندارن جو چوڻ آهي  ته فائر برگيڊ کي وقت سر اطلاع ڏنو ويو پر عملو نه پهچڻ ڪري سندن وڏو نقصان ٿيون آهي، جنهن جي ذميوار ميونسپل انتظاميه آهي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*