سپريم ڪورٽ اين اي 110 تي نواز ليگ جي ايم اين اي خواجا آصف جي ڪاميابي خلاف داخل درخواست

Supreme-Court-13716

سپريم ڪورٽ اين اي 110 تي نواز ليگ جي ايم اين اي خواجا آصف جي ڪاميابي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي 8 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته حساس نوعيت ۽ چونڊن بابت دخواستن تي  تاثر ڏنو ويندو آهي ته  عدالت  فيصلي ۾ دير  ڪري ٿي.

چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ جڙيل سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ ۾ اين اي 110 تي چونڊ عزرداري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ايم اين اي خواجا آصف جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ عدالت کي استدعا ڪئي ته بار جون چونڊون آهن ان ڪري ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي.

عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪيس ملتوي ڪرڻ ۾ پريشاني نه آهي، پر اهم نوعيت جي ڪيسن ۾ تاثر اهو ڏنو ويندو آهي ته عدالت فيصلو ڪرڻ ۾ دير ڪري ٿي.

عدالت وڪيلن فاورق ايڇ نائيڪ ۽ بابراعواڻ جا دليل ٻڌڻ بعد ڪيس جي ٻڌڻي 8 نومبر تائين ملتوي ڪندي چيو آهي ته ڪيس جي وڌيڪ ڪارروائي ملتوي نه ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*