موجوده جنگ پاڪستان جي بقا لاءِ وڙهي پئي وڃي اسفند يار ولي

اي اين پي سربراهه اسفند يار ولي چيو آهي ته عمران خان 3 مهينن تائين ڌرڻو هنيو پر هڪ ڪلاڪ به احتجاج برداشت نه ڪيو، موجوده جنگ پاڪستان جي بقا لاءِ وڙهي پئي وڃي.

مردان ۾ جلسي کي خطب ڪندي اسفند يار ولي چيو  ته  عمران خان 3 مهينن تائين ڌرڻو هڻي اسلام آباد جا روڊ رستا بند ڪري ڇڏيا هئا پر پشاور ۾ شهيد ٻارڙن جي وارثن جو هڪ ڪلاڪ به احتجاج برداشت نه ڪري سگهيو.

اسفند يار ولي وڌيڪ چيو ته موجوده جنگ پاڪستان جي بقا لاءِ وڙهي پئي وڃي، غير معمولي حالتن ۾ غير معمولي قدم کڻڻا پوندا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*