سنڌ حڪومت ڪراچي کان ٺٽَي تائين قومي شاهراهه جو انتظام نجي ڪمپني حوالي ڪري ڇڏيو

khi tolll tex

سنڌ حڪومت ڪراچي کان ٺٽَي تائين قومي شاهراهه جو انتظام نجي ڪمپني حوالي ڪري ڇڏيو، سنڌ حڪومت وفاق کي قومي شاهراهه تان ٽيڪس اوڳاڙي بند ڪرڻ لاءِ خط لکي چيو آهي ته 27 سالن لاءِ نجي ڪمپني سان معاهدو ڪيو ويو آهي، جيڪا روڊ کي ڊبل ڪندي ۽ ٽيڪس اوڳاڙي به پاڻ ڪندي.

سنڌ حڪومت ڪراچي کان ٺٽَي تائين قومي شاهراهه جو انتظام پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا روڊ تان ٽيڪس اوڳاڙيندي ۽ روڊ جي مرمت توڙي مينٽيننس به ڪندي.

سنڌ جي ورڪس اينڊ سروسز کاتي طرفان وفاقي حڪومت کي خط لکي ڪراچي کان ٺٽَي تائين ٽيڪس اوڳاڙي بند ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي.

خط ۾ چيو ويو آهي ته پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت هڪ نجي ڪمپني سان 27 سالن لاءِ معاهدو ڪيو ويو آهي، جنهن تحت اها قومي شاهراهه تان ٽيڪس اوڳاڙي ڪندي ۽ روڊ کي ڊبل ڪرڻ سان گڏ مينٽيننس به ڪندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*