اڳوڻي وزيراعظم ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ملڪ کي ڪيترائي خطرا آهن

yousif01-9

اڳوڻي وزيراعظم  ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته  ملڪ کي ڪيترائي خطرا آهن،  ادارن کي ڪمزرو  ڪرڻ بدران مضبوط ڪرڻ گهرجي.

ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي يوسف رضا گيلاني وڌيڪ چيو ته احتجاج ڪرڻ هر ڪنهن جو جمهوري حق آهي، سياست ۾ تشدد نه ٿيندو آهي، هو احتجاج نه ڪرپشن جي خلاف آهن.

هن چيو ته مظاهرا پهريون ڀيرو نه پيا ٿين، ميان نواز شريف ۽ پيپلز پارٽي اڳ اهڙا احتجاج ڪيا آهن.

يوسف رضاگيلاني چيو ته ڪوئيٽا ۾ ٿيل واقعا افسوسناڪ آهن، صرف مذمتن سان مسئلو حل نه ٿيندو.

هن چيو ته عمران خان جي پنهنجي پارٽي ۽ منشور آهي، سندس پروگرام ۾ مداخلت نه ٿا ڪري سگهون، پارليامينٽ سپريم ادارو آهي، جيڪو سمورن ادارن تي ڪنٽرول ڪري هو اهو مضبوط هوندو ڪنهن کي ڪو نه هوندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*