تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي پارٽي اڳواڻن سان مشاورت ڪئي آهي

imran isb

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي پارٽي اڳواڻن سان مشاورت ڪئي آهي، شاهه محمود قريشي چيو آهي ته جسٽس شوڪت عزيز صديقي وزيراعظم جي صلاحڪار عرفان صديقي جو مائٽ آهي، ان ڪري کيس ڌرڻي بابت ڪيس نه ٻڌڻ گهرجي ها.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران وفاقي گادي واري شهر بند نه ڪرڻ واري حڪم بعد عمران خان پارٽي اڳواڻن سان مشاورت ڪئي، جڏهن ته قانوني ماهرن پڻ کيس عدالتي فيصلي کان آگاهه ڪيو.

پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي عدالتي فيصلي جي رد عمل ۾ چيو آهي ته اسلام آباد بند ڪرڻ جو فيصلو حڪومت جي مفروضن تي ٻڌل آهي، وفاقي گادي واري شهر کي بند ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ پاران ڪي به قدم ناهن کنيا ويا.

هـُن چيو ته وفاقي سرڪار پاران پنجاب پوليس جي وڏي نفري کي اسلام آباد طلب ڪيو ويو آهي ۽ رٻڙ جون گوليون جمع ڪرڻ جا به اطلاع آهن.

شاهه محمود قريشي چيو ته تحريڪ انصاف 2 نومبر تي پنهنجو احتجاج رڪارد ڪرائيندي، جيڪو سندن حق آهي، جسٽس شوڪت عزيز صديقي وزيراعظم جي صلاحڪار عرفان صديقي جو مائٽ آهي، ان ڪري کيس هي ڪيس نه ٻڌڻ گهرجي ها…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*