پاڪستان تحريڪ انصاف جي 2 نومبر تي اسلام آباد ۾ رٿيل ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ ڪارڪنن جو پيادل مارچ لاهور کان روانو ٿي ويو آهي

pti rely

پاڪستان تحريڪ انصاف جي 2 نومبر تي اسلام آباد ۾ رٿيل ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ ڪارڪنن جو پيادل مارچ لاهور کان روانو ٿي ويو آهي.

پي ٽي آءِ جي 25 ڪارڪنن تي ٻڌل قافلو داتا درٻار تي حاضري ڀرڻ کانپوءِ وفاقي گادي واري شهر ڏانهن پيادل روانو ٿيو، جنهن جي اڳواڻي مرڪزي اڳواڻ شبير سيال ڪري رهيو هو.

سينيئر اڳواڻ اعجاز چوڌري نه صرف قافلي کي رخصت ڪيو پر شاهدره روڊ تائين پيادل مارچ ۾ به شريڪ ٿيو.

پيادل مارچ ۾ شريڪ ڪارڪن لاهور کان اسلام آباد تائين جي ٽي روڊ جو رستو اختيار ڪندا ۽ رستي ۾ ٻيا ماڻهو به شامل ٿيندا.

قافلو 6 ڏينهن ۽ ڇهن راتن جي سفر دوران ڪامونڪي، وزيرا آباد، گجرات، جهلم ۽ مندره ۾ رات گذاريندو ۽ 2 نومبر تي اسلام آباد پهچندو، جتي عمران خان سندس آجيان ڪندو………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*