لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ وائيس چانسلر جي مبينا زيادتين خلاف شاگردن ۽ شاگردياڻين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

larkana cmc pro

لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ وائيس چانسلر جي مبينا زيادتين خلاف شاگردن ۽ شاگردياڻين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

چانڊڪا ميڊڪيل ڪاليج جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران شهزاد پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايڊمن بلاڪ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

شاگردن جو چوڻ هو ته سڄي سنڌ ۾ ايم بي بي ايس جا امتحان 21 نومبر تي ٿيندا، پر چانڊڪا ڪاليج انتظاميا 9 نومبر تي امتحان ڪرائي رهي آهي.

هنن چيو ته چانڊڪا ميڊيڪل  ڪاليج جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جلدي امتحان ٿيڻ ڪري تياريون مڪمل ناهن ڪيون، بار بار اپيلون ڪرڻ باوجود انتظاميه ڪوبه تحرڪ نه پئي وٺي.

هنن مطالبو ڪيو ته ايم بي بي ايس جا ساليانه امتحان 9 بجاءِ 21 نومبر تي ڪرائي شاگردن کي تياري جو موقعو ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*