دادو ۾ مسلم ليگ نواز جي ڪارڪنن پاران بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

دادو ۾ مسلم ليگ ن پاران بجلي جي لوڊشينڊنگ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.

بجلي جي لوڊشينڊنگ خلاف مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري دادو پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال ڪئي.

ان موقعي تي جاويد قمبراڻي، ظهير ٿهيم ۽ ٻين چيو ته شهر ۾ 15 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشينڊنگ ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*