وزيراعظم نواز شريف ورڪنگ بائونڊري ۽ ڪنٽرول لائين تي ڀارتي فوج جي فائرنگ جي سخت لفظن ۾ مذمت

pm america

وزيراعظم نواز شريف ورڪنگ بائونڊري ۽ ڪنٽرول لائين تي ڀارتي فوج جي فائرنگ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ڀارت پاران جنگبندي جون ڀڃڪڙيون جاري رهيون ته منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.

هڪ جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم نواز شريف چيو ته پاڪستاني قوم امن پسند آهي، هـُو نه صرف تڪرارن جو ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ تي يقين رکن ٿا پر خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي گڏيل ترقي ۽ خوشحالي به چاهين ٿا.

هن چيو ته ڀارت پاران پاڪستان جي ڪوششن جو موثر جواب نه ڏيڻ افسوسناڪ آهي،  اسان جي امن خواري خواهش کي ڪمزوري نه سمجيهو وڃي.

 وزيراعظم چيو ته ڀارت پنهنجي فوجين کي جنگبندي جي معاهدي جي احترام جي هدايت ڪري ۽ سرحد ويجهو قائم ڳوٺن کي نشانو بڻائڻ کان پاسو ڪيو وڃي.

وزيراعظم چيو ته ڀارت تازن واقعن جي جاچ ۽ حقيقتن بابت پاڪستان کي فراهم ڪري، ڀارت جنگبندي جو ڀڃڪڙيون بند نه ڪيون ته منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*