ڪراچي کان حيدرآباد تائين موٽر وي جي تعميراتي ڪم سبب ٽريفڪ جام رهڻ معمول بڻيل آهي

super highway

ڪراچي کان حيدرآباد تائين موٽر وي جي تعميراتي ڪم سبب ٽريفڪ جام رهڻ معمول بڻيل آهي، نوري آباد ويجهو ٽريفڪ جام ٿيڻ سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين مسافرن کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي ويو.

ڪراچي کان حيدرآباد تائين موٽر وي جي تعميراتي ڪم دوران گائيڊ لائين بورڊ نه لڳائڻ ۽ موٽر وي اهلڪار مقرر نه ٿيڻ سفر ڪرڻ عذاب بڻجي ويو.

تعميراتي ڪم واري هنڌ تان گاڏين کي موڙڻ لاءِ موٽر وي جا اهلڪار مقرر نه هئڻ سبب صبح سوير ٽريفڪ جام ٿي وئي.

ٽريفڪ جام جي نتيجي ۾ مسافرن کي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*