پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان قوم کي ڌرڻي ۾ شرڪت جي اپيل ڪندي چيو آهي

imran isb

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان قوم کي  ڌرڻي ۾ شرڪت جي اپيل ڪندي چيو آهي ته 2 نومبر وارو ڌرڻو ملڪ جي تقدير تبديل ڪري ڇڏيندو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي  آءِ سربراهه عمران خان چيو ته ڌرڻي لاءِ جذبو ۽ جنون ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، 2نومبر واري ڌرڻي جو سڀاڻي راولپنڊي ۾ ٽريلر پيش ڪيو ويندو.

عمران خان چيو ته  نوازشريف ڊڪٽيٽر جي پئداوار آهي، جمهوريت جي کيس  ڄاڻ ئي نه آهي،  هن ٻه قومي نظرئي کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

عمران خان چيو ته هو نواز شريف جي جي بادشاهت جي مذمت ڪري ٿو، ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي وٺ پڪڙ لاءِ گهرن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.

هن چيو ته پنجاب پوليس کي پيغام ڏيان ٿو ته اها  ماڊل ٽائون سانحي جي ذميوار آهي، پرامن احتجاج وارو آئيني حق   کسيو ويو ته سخت ردعمل ايندو ۽ ڪارڪنن تي تشدد ٿيو ته حڪمرانن کي لڪڻ لاءِ جاءِ نه ملندي.

عمران خان چيو ته ڌرڻي جو ٻڌي  ٽرانسپورٽرز هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ڪا به طاقت 2 نومبر واري ڌرڻي کي روڪي نٿي سگهي.

هن چيو ته تحريڪ انصاف جي تاريخ ۾ هر احتجاج پرامن رهيو آهي،  جڏهن قومي ادارا تباهه ٿيندا آهن ته ملڪ تباهه ٿيندو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*