ملير جي مختلف علائقن ۾ صحت کاتي جي ٽيم ڇاپا هڻي 5 جعلي ڊاڪٽرن ۽ ٽن ڊسپينسرن کي گرفتار ڪري ورتو

malir

ملير جي مختلف علائقن ۾ صحت کاتي جي ٽيم ڇاپا هڻي 5 جعلي ڊاڪٽرن ۽ ٽن ڊسپينسرن کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته 12 ڪلينڪس به سيل ڪيون ويون.

صحت کاتي ڪراچي جي ڊائريڪٽر شڪور عباسي، فوڪل پرسن محمد بخش ڏاهاڻي ۽ ڊي ايڇ او ناصر شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ ٽيم گهگهر ۽ پپري وارن علائقن ۾ عطائي ڊاڪٽرن جي ڪلينڪس تي ڇاپا هنيا.

ڇاپن دوران 5 جعلي ڊاڪٽرن ۽ ڊسپينسرن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته 12 ڪلينڪس به سيل ڪيون ويون.

صحت کاتي جي ٽيم جي ڇاپن دوران ڪيترائي عطائي ڊاڪٽر ڪلينڪس ڇڏي ڀڄي ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*