پاڪستان عوامي تحريڪ پي ٽي آءِ جي 2 نومبر واري احتجاج ۾ شرڪت واري دعوت تي مشاورت لاءِ مهلت گهري ورتي آهي

khuram anwar pti

پاڪستان عوامي تحريڪ پي ٽي آءِ جي 2 نومبر واري احتجاج ۾ شرڪت واري دعوت تي مشاورت لاءِ مهلت گهري ورتي آهي، خرم نواز گنڊاپور چيو آهي ته تحريڪ انصاف کان ڪجهه معاملن تي وضاحتون گهريون هيون، جن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ حتمي فيصلي جو اعلان ڪنداسين.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خرم نواز گنڊاپور چيو ته تحريڪ انصاف طرفان ڌرڻي ۾ شرڪت بابت ڏنل دعوت جو جواب ڏيڻ لاءِ مهلت گهري آهي ۽ ڌرڻي بابت پي ٽي آءَ کان ڪجهه وضاحتون گهريون هيون.

هن چيو ته، پي ٽي آءِ طرفان پيش ڪيل وضاحت جو جائزو وٺڻ بعد ڌرڻي ۾ شرڪت جي حوالي سان باضابطا طور اعلان ڪيو ويندو ۽ پي ٽي آءِ کي به پنهنجي فيصلي کان آگاهه ڪيو ويندو.

پي اي ٽي اڳواڻ جو چوڻ هو ته، سندن ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپا هڻي کين حراسان ڪيو پيو وڃي، عدالتون ڪارڪنن جي گهرن تي پوليس جي چڙهائين جو نوٽيس وٺن.

هن چيو ته، حڪومت وائڙي ٿي ويئي آهي ۽ هٿ وٺي 2014 واري صورتحال پيدا ڪئي پئي وڃي، 2 نومبر واري احتجاج کي روڪرائڻ لاءِ پوري پنجاب کانسواءِ سنڌ کان به پوليس گهرائي پئي وڃي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*