اسلام آباد پوليس عمران خان ۽ طاهرالقادري کي ٻن ڪيسز ۾ اشتهاري ڏوهاري قرار ڏئي ڇڏيو

Imran-Tahir-271016

اسلام آباد پوليس عمران خان ۽ طاهرالقادري کي ٻن ڪيسز ۾ اشتهاري ڏوهاري قرار ڏئي ڇڏيو، سيڪريٽريٽ ٿاڻي جي پوليس پاران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اشتهاري قرار ڏنل ڏوهارين جي لسٽ جمع ڪرائيندي لسٽ ۾ پيٽ اڳواڻ خرم نواز گنڊاپور جو نالو شامل ڪيو آهي.

اسلام آباد جي سيڪريٽريٽ ٿاڻي جي پوليس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اشتهاري قرار ڏنل ڏوهارين جي فهرست جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن ۾ تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان ۽ پي اي ٽي سربراهه طاهر القادري کي ٻن ڪيسن ۾ اشتهاري ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي.

پوليس پنهنجي فهرست ۾ خُرم نواز گنڊاپور، سيف الله نيازي ۽ رحيق عباسي کي به اشتهاري ڏوهاري قرار ڏنو آهي، جن لاءِ ٻڌايو ويو آهي ته، انهن حراست ۾ ورتل ڪارڪنن کي زبردستي آزاد ڪرائي سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ڪئي هئي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*